شوبز انڊسٽري جو سينيئر اداڪار راشد ناز لاڏاڻو ڪري ويو

0
166
شوبز انڊسٽري جو

ڪراچي(م ڊ) شوبز انڊسٽري جو سينيئر اداڪار راشد ناز لاڏاڻو ڪري ويو آهي، رشيد ناز جي لاڏاڻي جو اعلان سندس نياڻي ۽ اداڪارا مديحه رضوي پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ ذريعي ڪيو

هن چيو ته رشيد ناز هاڻي اسان ۾ ناهي رهيو، مديحه رضوي لکيو ته ”اسان جو پيارو بابا راشد ناز اڄ صبح لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم جي روح جي ايثال ثواب لاءِ سوره فاتحه جي تلاوت ڪريو.“ هن پنهنجي مڙس اداڪار حسن نعمان کي پڻ ٽيگ ڪيو

رشيد ناز 9 سيپٽمبر 1948ع تي پشاور ۾ پيدا ٿيو، هن بيشمار فلمن ۽ ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي، راشد ناز پنهنجي ٽيليويزن ڪيريئر جي شروعات 1971ع ۾ پشتو ڊرامي سان ڪئي، هن ڪيترن ئي پشتو، هندڪو ۽ اردو ٻولين جي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو سندس پهريون اردو ڊرامو ”اِڪ ٿا گائون“ هو، جيڪو 1973ع ۾ نشر ٿيو، سندس پهريون مشهور ڊرامو ناموس هو، هن پاڪستان جي پهرين خانگي ٽيليويزن ڊرامي ”دشت“ ۾ پڻ ڪم ڪيو، رشيد ناز 1988ع ۾ پنهنجي پهرئين پشتو فلم ”زما جنگ“ ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا