اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ شوال جو چنڊ نظر نه اچي سگھيو  آهي، ان ڪري  عيدالفطر سڀاڻي ڇنڇر 22 اپريل تي ملهائي ويندي. ان ڏس ۾ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، ملڪ ۾ شوال جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت مولانا عبدالخبير آزاد ڪئي. جنهن جا علائقي اجلاس ۾ صوبن ۾ ٿيا، جنهن دوان ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ چنڊ نظر نه اچڻ جون شاهديون وصول ٿيون جنهن  کانپوءِ اعلان ڪيو ويو.  اجلاس کان پوءِ اعلان ڪندي ملانا عبدالخبير آزاد چيو ته ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ چنڊ نظر اچڻ جي ڪا شاهدي نه ملي آهي، جنهن ڪري ملڪ ۾ عيدالفطر سڀاڻي ڇنڇر 22 اپريل تي ملهائي ويندي. هوڏانهن پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ به به شوال جو چنڊ نظر نه اچي سگهيو آهي، جنهن ڪري اتي به عيد الفطر سڀاڻي 22 اپريل تي ملهائي ويندي.