شهيد ڊي ايس پي جو فون ڌاڙيلن وٽ هجڻ جو انڪشاف

0
328
شهيد ڊي ايس پي جو فون
شهيد ڊي ايس پي جو فون ڌاڙيلن وٽ هجڻ جو انڪشاف

لاڙڪاڻو: رائونتي جي ڪچي ۾ شهيد ٿيل لاڙڪاڻي واسي ڊي ايس پي عبدالمالڪ ڀٽو جو فون ڌاڙيلن وٽ هجڻ سان گڏ نمبر ۽ واٽسپ کليل هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي
3ڏينهن اڳ گهوٽڪي ضلعي ۾ رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن حملو ڪري ڊي ايس پي عبدالماڪ ڀٽو ۽ ٻن ايس ايڇ اوز سميت 5 اهلڪارن کي شهيد ڪيو هو
لاڙڪاڻي واسي شھيد ٿي ويل ڊي اي ايس پي عبدالمالڪ ڀٽو جو فون ڌاڙيلن وٽ هجڻ سان گڏ نمبر ۽ واٽسپ کليل هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي
شھيد ڊي ايس پي جي وارثن جو چوڻ هو ته عبدالمالڪ ڀٽو جو نمبر ۽ واٽسپ کليل آهي جنهن کي ڏوهاري ۽ انهن جون عورتون استعمال ڪري رهيون آهن
شهيد ڊي ايس پي جي وارثن موجب اهڙي ڄاڻ پوليس جي اعليٰ عملدارن کي ڏني وئي آهي

ھي به پڙھندا

وڏي وزير مراد علي شاهه گهوٽڪي جي ڪچي ۾ آپريشن جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڌاڙيلن جي حملي ۾ شھيد ٿيل پوليس آفيسرز ۽ ٻن جوانن جي جنازي نماز ادا

ڌاڙيلن هٿان شهيد ٿيل ڊي ايس پي عبدالمالڪ جي ڀاءُ جا سنگين الزام