ڪراچي: نئين ڪابينا ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي ضلعن لاڙڪاڻي ۽ قمبر کي ڪا به نمائندگي نه ڏني وئي. قمبر جو سردار خان چانڊيو ۽ نادر مگسي به نظرانداز ٿي ويا، لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ سهيل انور سيال کي به هٽايو ويو. اهڙي ريت هريرام جي هٽجڻ بعد ميرپورخاص ضلعي جي ڪابينا ۾ نمائندگي ختم ٿي وئي ، سجاول جي شيرازي ڀائرن مان شفقت شاهه کي صلاحڪار مقرر ڪرڻ جي منظوري باوجود سندس نالو آخري وقت تي ڪٽجي ويو.