اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا 12 سالن کان التوا هيٺ ذوالفقار علي  ڀٽو جي عدالتي قتل جي ريفرنس تي جلد ٻڌڻي لاءِ قانون وزير کي سپريم ڪورٽ کي خط لکڻ جي هدايت، عدالتي فيصلي بابت ايندڙ حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ قانون وزير ۽ اٽارني جنرل کي ٽاسڪ حوالي، تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيل ڪابينا جي اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي آيل فيصلن جو جائزو ورتو ويو، جنهن کان پوءِ وزيرن سان گڏ وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ تقرير دوران وزراعظم شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار ڀٽو جي عدالتي قتل بابت ريفرنس جلد ٻڌڻ لاءِ سپريم ڪورٽ کي خط لکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته  ذوالفقار علي ڀٽو شهيد جي عدالتي قتل جو جيڪو ريفرنس 12 سالن کان پيو آهي ان تي عمل ٿيڻ گهرجي، ان حوالي سان فل ڪورٽ ويهي ۽ فيصلو ڪري، قومي اسيمبلي کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن مان غلط نه آهيان ته فيصلو ڪندڙ هڪ جج به بعد ۾ پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب ۾ ان باري ۾ اعتراف ڪيو هو، وزيراعظم چيو ته هي ڪهڙو تاريخ جو جبر آهي جو اڄ ئي 4 اپريل جي ڏينهن اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل ٿيو ۽ اڄ ئي 4 اپريل تي هڪ ڀيرو ٻيهر عدل و انصاف جو قتل ٿيو آهي ان جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، ان کان اڳ قانون جي وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته هڪ ضدي شخص جي انا جي تسڪين جي لاءِ ٻه اسيمبليون ٽوڙيون ويون، ان قدم جو مقصد ملڪ ۾سياسي تقسيم پيدا ڪرڻ هو،  1977ع جي چونڊن ۾ اگر نگران حڪومتون هجن ها شايد 11 سال مارشل لا نه لڳي ها، انهن واقعن جي قيمت اسان جي نسلن ادا ڪئي، هن ايوان عدل جي وڏي ايوان ۾ ڏار ڏسندي قرارداد منظور ڪئي هئي، عدل جي ايوان کي استدعا ۽ مطالبو ڪرڻ لاءِ قرارداد منظور ڪئي هئي ته هن ڪيس جي مامري کي سنجيدگي سان ورتو وڃي، اسان 13 رڪني بينچ جو مطالبو ڪيو هو پر ڏک سان چوڻو پوي ٿو ته اسان جيڪا هٿ جوڙي استدعا ڪئي هئي ته اهو تاثر ختم ڪرڻ لاءِ مامري کي ضد ۽ انا جو مامرو نه بڻايو وڃي پر تمام جائز مطالبن کي نظر انداز ڪندي 3 رڪني بينچ پنهنجو فيصلو ڏنو آهي ۽ پنجاب ۾ چونڊن جو پاڻ ئي شيڊول جاري ڪري تاريخون به ڏئي ڇڏيون آهن، اسان چونڊن کان ڀڄڻ وارا ناهيون، ملڪ ۾ جاري سياسي ۽ آئيني بحران کي وڌيڪ وڌائڻ کان بچڻ لاءِ اسان فل ڪورٽ جي استدعا ڪئي هئي، 3 رڪني بينچ سياسي جماعتن، بار ڪائونسلز ۽ سول سوسائٽي جي مطالبي جي باوجود اهو فيصلو ٻڌايو آهي، وفاقي وزير اسعد محمود چيو ته توهان کي اهو اختيار نه آهي ته توهان چونڊ جي تاريخ جو به فيصلو پاڻ ڪيو ۽ چونڊ شيڊول به ڏئي ڇڏيو، عدالت جو فيصلو قبول ناهي، انصاف گهرجي، عدالتي مارشل لا خلاف بغاوت جو علم بلند ڪيون ٿا، عدالتن کي مامرا درست ڪرڻا پوندا، اسان کي چيو ويو ته پاڻ ۾ ويهي اتفاق راءِ پيدا ڪئي وڃي پر توهان قانون جي عملدرآمد لاءِ پاڻ ۾ اتفاق پيدا نه ٿا ڪري سگهو، توهان عدليه کي تقسيم ڪيو آهي، توهان عدل جو جنازو  ڪڍيو آهي، توهان تقسيم جو بنياد رکندئو ۽ گهرن ۾ اطمينان سان ستل رهندئو پر  توهان جي روح ۽ دل کي اطمينان نه ملندو، توهان آئين ۽ جمهوريت جو جنازو ڪڍيو آهي، اسان آئين ۽ جمهوريت کي برقرار رکنداسين، ناجائز ۽ غير شرعي فيصلي کي لاڳو ٿيڻ نه ڏينداسين، اسان وڙهنداسين، آخري دم تائين وڙهنداسين، وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو ته اڄوڪي فيصلي جي خراب جو بنياد اهو غير آئيني فيصلو آهي جنهن تحت پنجاب جي ميمبرن جا ووٽ به ڳڻيا ويا ۽ نااهل به ڪيو ويو، هڪ ماڻهو کي وري اقتدار ۾  آڻڻ لاءِ ان جي سهولتڪاري ٿي رهي آهي، ان جي سهولتڪاري جو سلسلو بند نه ٿي رهيو آهي، اسان چپ ڪري نه ويهنداسين، اسان سوال پڇنداسين، سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو ته وفاقي حڪومت جو مطلب وزيراعظم نه پوري ڪابينا آهي، سپريم ڪورٽ جو مطلب ڇا رڳو چيف جسٽس آهي، اهي ٻٽا معيار نه هلي سگهندا، هڪڙي مامري تي 4 جج چون ٿا درست ناهي، 3 چون ٿا ته درست آهي، حڪومت ڇا ڪري ان کي ٻواٽي تي اچي بيهاريو ويو، پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ جي هنن کي جلدي آهي ته جيئن ٻهررپي کي ڪنهن نموني سان وري اقتدار ۾ آندو وڃي، وفاقي وزير شيري رحمان چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي پارليامينٽ جي حقن تي راتاهو ۽ انهن جو قتل ڪيو ويو  هو، اڄ وري پارليامينٽ جي حقن جو عدالتي قتل ڪيو ويو آهي، هن ملڪ کي ڪير هلائي رهيو آهي، جڏهن بينظير ڀٽو جي شهادت وارو هنڌ ڌوتو ويو ان وقت توهان کي نوٽيس جو خيال ڇو نه آيو، لاڏلي جي سهولتڪاري ٿي رهي آهي، اڄ پارليامينٽ جو  خون ٿيو آهي، اپوزيشن ليڊر راجا رياض چيو ته سپريم ڪورٽ کي ذوالفقار علي ڀٽو جي ريفرنس تي فيصلو ڪرڻ لاءِ جلد ٻڌڻي ڪرڻ بابت خط رڳو ڪابينا پاران نه پر هن ايوان پاران متفقه طور تي لکيو وڃي ته فوري طور تي ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي وڃي، جيئن لاڏلي لاءِ ٻڌڻيون ٿينديون آهن، جيئن فيصلا اچن ٿا اهڙا ڪڏهن نه ڏٺا نه ايندڙ وقت ۾ ڏسنداسين، هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي هئي، اڄ وري انهيءَ ڏينهن تي ذوالفقار علي ڀٽو جي ٺاهيل آئين کي شهيد ڪيو ويو آهي، قومي اسيمبلي کي  شيخ روحيل اصغر ، نور عالم خان، آغا رفيع الله، احمد حسين ڏهر،  صلاح الدين  ۽ ٻين خطاب ڪيو جڏهن ته  پي ٽي آءِ جي محسن لغاري چيو ته چيف جسٽس کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو جنهن تي حڪومتي ميمبرن شيم شيم جا نعرا لڳايا، محسن لغاري پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ نظريه ضرورت کي دفن ڪري ڇڏيو.