شهيد پوليس آفيسرن جي وارثن جا پوليس آفيسرن تي سنگين الزام

0
244
شهيد پوليس آفيسرن جي

سکر: رائونتي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن هٿان شهيد ٿيل ڊي ايس پي عبدالمالڪ ڀٽو کانپوءِ شهيد ايس ايڇ او عبدالمالڪ ڪمانگر جي وارثن به پوليس اختيارين تي سنگين الزام هنيا آهن

شهيد ايس ايڇ او عبدالمالڪ ڪمانگر جي پيءُ عبدالغفور ۽ چاچي مشتاق سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پوليس جي 5 آفيسرز ۽ جوانن کي ڪچي ۾ نڌڻڪو ڪري مارايو ويو

هنن الزام هنيو ته پوليس آفيسر ۽ جوان ڌاڙيلن جي گهيري ۾ هئا، بند تي گشت ڪندڙ پوليس آفيسرن گهيري هيٺ آيل آفيسرن ۽ جوانن جي ڪا مدد نه ڪئي

شهيد ايس ايڇ او جي وارثن آءِ جي سنڌ کي واقعي جي شفاف جاچ ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي

واضح رهي ته رائونتي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن هٿان هڪ ڊي ايس پي ۽ ٻن ايس ايڇ اوز سميت 5 اهلڪار شهيد ٿيا هئا

ھي به پڙھندا

ڌاڙيلن جي حملي ۾ شھيد ٿيل پوليس آفيسرز ۽ ٻن جوانن جي جنازي نماز ادا

لاڙڪاڻي سينٽرل جيل جو سپريٽينڊنٽ اشفاق ڪلوڙ معطل