اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي سالگرهه جي حوالي سان جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو بهادر ۽ جمهوريت پسند اڳواڻ هو، شهيد مرتضيٰ ڀٽو آمرن جي غير آئيني حڪومت جي مزاحمت ڪئي هئي، تاريخ مير مرتضيٰ ڀٽو شهيد کي هميشه هيرو طور ياد رکندي، سالگرهه جي موقعي تي شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا، جڏهن ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي سالگرهه جي حوالي سان جاري ڪيل پيغام ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو انتهائي بهادر ۽ ڪڏهن هار نه مڃڻ واري جذبي سان سرشار مثالي اڳواڻ هو، ان سڄي زندگي پاڪستان ۾ جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي، شهيد مرتضيٰ ڀٽو جو عزم، حوصلو، ثابت قدمي، جدوجهد ۽ ڪارڪن دوستي اسان لاءِ مشعل راهه آهي، مرتضيٰ ڀٽو شهيد جيالن ، پاڪستاني عوام جي دلين ۽ تاريخ ۾ هميشه زندهه جاويد رهندو.