راولپنڊي (م ڊ) بلوچستان ۾ هيليڪاپٽر  حادثي ۾ شهيد ٿيل پاڪ فوج جو ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي هڪ ذهين ۽ قابل آفيسر هو. ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي جو واسطو لاهور سان هو، هن 1989 ۾ آزاد ڪشمير رجمينٽ ۾ ڪميشن ورتي هئي. ليفٽيننٽ جنرل سرفراز پاڪستان آرمي جي اهم عهدن تي ڪم ڪيو، شهادت وقت هو ڪور ڪمانڊر 12 ڪور (جنهن کي ڪوئيٽا ڪور به چيو ويندو آهي) جي عهدي تي مقرر هو ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ رليف جي ڪمن جو جائزو وٺي رهيو هو. ان کان اڳ هن ٽرپل ون بريگيڊ جي ڪمانڊ به ڪئي ۽ ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا جو ڪمانڊنٽ به رهيو. ليفٽيننٽ جنرل سرفراز ملٽري انٽيليجنس جو ڊائريڪٽر جنرل به رهيو، هن ڏکئي وقت ۾ آءِ جي ايف بلوچستان جي حيثيت سان به فرض انجام ڏنا. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ کيس بهترين ڪارڪردگي تي ٻه ڀيرا تمغه بسالت سان به نوازيو ويو. ليفٽيننٽ جنرل سرفراز بيواهه، هڪ ڌيءَ ۽ ٻه پٽ سوڳوار ڇڏيا آهن