شهيد فاضل راهو جو پوٽو برطانيه جي يونيورسٽي ۾ شاگرد يونين جو صدر چونڊجي ويو

0
530

لاڙڪاڻو: بدين واسي نوجوان عادل راهو برطانيا جي يونيورسٽي ۾ شاگرد يونين جو صدر چونڊيو ويو آهي. عادل راهو عوامي ليڊر شھيد فاضل راهو جو پوٽو ۽ صوبائي وزير اسماعيل راهو جو فرزند آهي.عادل راهو برطانيه جي گلاسگو ڪيليڊون يونيورسٽي جي اسٽوڊنٽس يونين جو صدر چونڊجي ويو آهي. عادل راهو پهريون پاڪستاني نوجوان آھي جيڪو گلاسگو يونيورسٽي جي شاگرد يونين جو صدر چونڊيو ويو آھي.