شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ نئين ٽيم جوڙي وئي

0
294
شهيد عزيز ميمڻ قتل ڪيس

نوشهروفيرو: شهيد عزيز ميمڻ جي مک قاتلن جي گرفتاري لاء ڊي آء جي عرفان بلوچ پاران 4 رڪني نئين ٽيم جوڙي وئي آهي.سي آء اي انچارج يار محمد رند جي اڳواڻي ۾ جوڙيل ٽيم کي شهيد جا مک قاتل گرفتار ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو. ٽيم ۾ ٽي ايس ايڇ اوز منير لغاري,قربان قمبراڻي ۽ محمد رفيق ٻوهيو به شامل آهن، ٽيم کي روزانو جي رپورٽ ڊي آء جي کي ڏيڻ جي به هدايت ڪئي وئي.ٻه ڏينهن اڳ شهيد عزيز ميمڻ جي ڀاءۡ حفيظ ميمڻ ڊي آء جي عرفان بلوچ سان ملاقات ڪري جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو هئو ۽ جانچ ٽيم جوڙڻ تي به اتفاق ٿيو هئو. ڏيڍ سال گذرڻ باوجود شهيد عزيز ميمڻ جا مک قاتل مشتاق ۽ افشاد گرفتار ناهن ٿي سگهيا.