نوابشاھ (بيورو رپورٽ) ضلعي شھيد بينظير آباد ۾ مڪاني چونڊ لاءِ تياريون مڪمل ٿي ويون. ميونسپل ڪارپوريشن شھيد بينظير آباد ۾  ٻه ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن شامل آھن (1) ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن اولڊ نوابشاهه ۾ 9 يونين ڪاميٽيون شامل آھن جن ۾ 36 وارڊ رکيا ويا آهن (2) ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ايچ ايم خواجه جنھن ۾ 10 يونين ڪاميٽيون آھن جن ۾ 40 وارڊ رکيا ويا آهن مجموعي طور تي نوابشاهه  شھر ۾ مجموعي طور تي 19 يونين ڪاميٽيون ۽ 76 وارڊ شامل آھن جنھن  تي اليڪشن دنگل ٿيندو ضلعي ۾ 8 ٽائون ڪاميٽيون شامل آھن (1) ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ 15 وارڊ (2)ٽائون ڪميٽي شاھپور جھانيان 4وارڊ (3) ٽائون ڪميٽي قاضي احمد 7 وارڊ (4) ٽائون ڪميٽي دولتپور 5 وارڊ (5) ٽائون ڪميٽي دوڙ 9 وارڊ (6) ٽائون ڪميٽي ڄام صاحب 4 وارڊ (7) ٽائون ڪميٽي بڇيري 4 وارڊ (8) ٽائون ڪميٽي ٻانڌي ۾ 8 وارڊ شامل آهن مجموعي طور تي 8 ٽائون ڪميٽي تي 56 وارڊن تي پڻ چونڊ ٿيندي جڏهن ته ضلعي جي 59 يونين ڪائونسلز ۾ پڻ مڪاني چونڊون ٿي رھيون آھن، ووٽرن جو ڪل تعداد 9 لک 18 ھزار 128 آھي جن ۾ 5 لک 278 مڙد 4لک 17 ھزار 850 عورتون شامل آهن ضلعي ۾ 670 پولنگ اسٽيشنز شامل آھن جن ۾ 177 مڙد ۽ 177 عورتن لاءِ ۽ 316 گڏيل پولنگ اسٽيشنز شامل آهن جن ۾ 2538 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ 1313 مڙد 1225 عورتن لاء پولنگ بوٿ شامل آھن،