شهيد اهلڪار جي تدفين: عمران حد اورانگهيءَ چڪو: حمزه شهباز

0
185
عمران نيازي ملڪ ۾

لاهور جي ماڊل ٽائون ۾ گهر تي ڇاپي دوران فائرنگ ۾ شهيد ٿيل اهلڪار جو مڙهه دفنايو ويو، جنازي نماز ۾ وڏي وزير حمزه شهباز ۽ پوليس آفيسرز سوڌو وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي

 جنازي نماز ۾ شرڪت بعد حمزه شهباز چيو آهي ته عمران خان انتقام جي باهه ۾ گهڻو اڳتي نڪري ويو آهي، پوليس کي هدايت ڪئي اٿم ته پاڪستانيت کي سامهون رکِي اڳتي وڌو

هن چيو ته عمران خان جلسن ذريعي ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ گهري ٿو، پنجاب جي عوام کان معافي وٺان ٿو، مجبوريءَ ۾ سخت فيصلا ڪرڻا پيا آهن

حمزه شهباز چيو ته عمران خان پنهنجي حد اورانگهيءَ چڪو آهي، کيس قانون موجب منهن ڏينداسين، عوام کي تڪليف ڏيندڙ کي بخش نه ڪنداسين