ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس ۽ مختلف نجي تعليمي ادارن وچ ۾ معاهدو ٿي ويو، شهيد اهلڪارن جا ٻار مفت ۾ پڙهي سگھندا، جڏهن ته فوتي ۽ حاضر سروس ملازمن جي ٻارن کي فين ۾ رعايت ملندي. ڪالهه سينٽرل پوليس آفيس ۾ يادادشت نامن تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب ۾ پنجاب گروپ آف ڪاليجز، هدف ڪاليجز، الائيڊ اسڪولز ۽ اي ايف اي سسٽم جا مالڪ ۽ عملدار سا شريڪ ٿيا معاهدي تحت الائيڊ اسڪولز ۽ اي ايف اي سسٽم جي اسڪولن ۾ شهيد اهلڪارن جي ٻارن کي سالياني، ماهوار في، سيڪيورٽي ۽ ايڊميشن پروسيسنگ جي مد ۾ 100 سيڪڙو رياعت ڏني ويندي. جڏهن ته پنجاب گروپ آف ڪاليجز ۽ هدف ڪاليجز به شهيد اهلڪارن جي ٻارن کان ڪنهن به قسم جي في نه وٺندا.جڏهن ته ڊيوٽي دوران زخمي ٿيندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن جي ٻارن کي فين ۾ 50 ۽ حاضر سروس ملازمن جي ٻارن کي في جي مد ۾ 30 سيڪڙو رعايت هوندي.