ٺٽو / ٺارو شاهه(نمائندن وٽان) ڪراچي جي مڇر ڪالوني ۾ بي درديءَ سان مڇريل هجوم هٿان ٿي ويل ٺٽو واسي نوجوان ايمن محمد جاويد جو ٽيهجو ٿي گذريو. ٽيهجي ۾ ٺٽو جي شهرين توڙي سياسي سماجي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري نوجوان جي ايثال ثواب لاءِ قرآن خواني ڪري دعائون گھريون ويون جڏهن ته ٽيهجي جي موقعي تي پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو ، پ پ سنڌ جي اڳواڻ اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو ، امتياز احمد قريشي ، سيد محمود عالم شاھ بخاري ، پير غلام رحماني ، ممتاز جلباڻي سميت وڏي انگ ۾ پ پ اڳواڻن پڻ شرڪت ڪري مقتول نوجوان جي والد جھوني صحافي سعيد محمد جاويد ۽ ان جي ڀائرن سان ڏک ونڊيو. نثار احمد کهڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مڇر ڪالوني ڪراچي ۾ پيش آيل واقعو انتهائي ڏکوئيندڙ آهي ڪنهن کي به ائين ماڻهو مارڻ جي اجازت ناهي. واقعي جو سنڌ حڪومت ۽ بلاول ڀٽو زرداري پاران نوٽيس ورتو ويو آهي، جنهن تي سنجيدگيءَ سان پڻ ڪم جاري آهي. 50 جي لڳ ڀڳ ماڻهن جون گرفتاريون به ڪيون ويون آهن. سنڌ ملڪ ٺاهيو آهي، ڪراچي سنڌين جي آهي جنهنڪري اسان پاڻ کي غير محفوظ نٿا سمجھون. باقي ٻين ملڪن مان ايندڙ ماڻهن جي چر پر تي سختي جي ضرورت آهي. هوڏانهن پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر ۽ وڏي وزير جي خصوصي معاون صادق علي ميمڻ ، قومي اسيمبلي ميمبر سيد اياز علي شاھ شيرازي ۽ ٻين پڻ مقتول نوجوان ايمن جاويد جي تڏي تي پهچي مقتول جي والد سان تعذيت ڪري ساڻن ڏک ونڊيو آهيٻئي پاسي  ٺاروشاهه ۾ پورهت اسحاق پنهور جو ٽيجهو سندس اباڻي ڳوٺ ۾ ادا ڪيو ويو، ڪوبه سياسي اڳواڻ يان چونڊيل نمائيندن سميت ضلع انتظاميان مان ڪوبه نه پهتو وارٽ پاران انصاف جو مطالبو ڪيو ويو، ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو ته سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت ھوندي  هب اسانجا  ٻچا  پنھنجي ڌرتي تي پورھيون نٿا ڪري سگھن.  انھن بلاول ڀٽو کي معيار ڏيندي چيو ته  توهانجي نوٽيس وٺڻ باوجود  اسانجي تڌي تي نه ڪو ايم پي اي نه ڪوئي عملدار آيو  آهي. اسان سنڌي پنھنجي ڌرتي تي نڌڻڪا ٿي  مري رھيا آھيون  جوابدارن کي پڪڙي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. هوڏانهن پورهيت جي تڏي تي جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پنهل ساريو آصف راهوجو بابا خالد مڇرائي ۽ ٻين جي وارثن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻين چيو ته پ پ حڪومت هٿ وٺي ڪراچي ۾ ڌاريا آباد ڪرائي رهي آھي ۽ ڪراچي ڌارين پٺاڻ پنجابي افغاني بنگالي ۽ بيهارين لاء محفوظ پناھ گاھ بڻيل آھي هنن چيو ته ڌارين کي ايتري ته ڇوٽ ڏني وئي آھي جو هو هر آئي ڏينهن ڪون ڪو بيگناھ سنڌي سرعام قتل ڪري رهيا آھن پ پ حڪومت انهن ڌارين کي فوري طور نيڪالي ڏئي مڇر ڪالوني ۾ ڪرفيو نازل ڪري گهر گهر تلاشي وٺي ته وڏي پيماني تي ڌارين قاتلن وٽان هٿيار ۽ منشيات ملندي هنن چيو ته فوري طور قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي نه پوري سنڌ ۾ شٽرڊائون هڙتال جو سڏ ڏئي قومي شاهراهن تي ڌرڻا هنيا ويندا.