شهناز گِل پاران سلمان خان جي فلم مان نيڪالي جي خبرن جي ترديد

0
467
شهناز گِل پاران سلمان خان

ممبئي(شوبز نيوز) مشهور اداڪارا شهناز گِل سلمان جي ايندڙ فلم ” ڪڀي عيد ڪڀي ديوالي “ مان نيڪالي وارين خبرن تي چُپ جو روزو ٽوڙي ڇڏيو آهي. پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي شهناز گل سمورين خبرن جي ترديد ڪئي. اداڪارا فلم ۽ سلمان خان جو نالو وٺڻ کانسواءِ لکيو ته اهڙي قسم جون افواهون روز منهنجي کلڻ جو سبب بڻجنديون آهن

انتظار ڪري رهي آهيان ته ماڻهو فلم ۽ مونکي ڏسن. شهناز گِل سوشل ميڊيا تي پنهنجي اها اسٽوري شيئر ڪرڻ کان اڳ سلمان خان کي سوشل ميڊيا تي فالو به نه ڪري رهي هئي جڏهن ته هاڻ هوءَ ٻيهر سلمان کي فالو ڪرڻ لڳي آهي پر سلمان خان اڃا تائين کيس فالو ناهي ڪيو. واضح رهي ته سوشل ميڊيا تي خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته شهناز خان کي سلمان خان فلم مان ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي