ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته جهانگير ترين وڌيڪ دير تائين پي ٽي آءِ ۾ نه رهندو. مراد علي شاهه کان اڳ ، پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شهلا رضا دعويٰ ڪئي هئي ته جهانگير ترين پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ وارو آهي، جڏهن ته جهانگير ترين اهڙين سڀني قياس آرائين کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ بعد ۾ شهلا رضا پنهنجي ٽوئيٽ کي ڊليٽ ڪري ڇڏيو هو. هاڻي ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه به جهانگير ترين بابت دعويٰ ڪئي آهي ته جهانگير ترين وڌيڪ وقت لاءِ پي ٽي آءِ ۾ نه رهندو. هن چيو ته هر هفتي وزيراعظم چيف سيڪريٽري کان پڇي ٿو ته عمارتون ڇو نٿيون تعمير ڪيون وڃن، ڪجهه شرپسند آهن جيڪي هر ڏينهن نوٽس جاري ڪندا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هو صنعتي علائقن کي ترقي ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ صنعتي علائقي کي ترقي ڏيارڻ لاءِ صنعتڪارن سان ڪم ڪندو.