لنڊن(م ڊ) برطانيا جي شهزادي چارلس جي گهرواري ڪميلا پارڪر لنڊن ۾ مسجد جو دورو ڪيو. مسجد ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪمليا پنهنجي مٿي تي ڪريم ڪلر جو اسڪارف پاتو، پنهنجا جوتا لاهي مسجد لاءِ مخصوص چپل پاتي. هن مسجد ۾ قائم ويڪسينيشن سينٽر جو دورو ڪيو عملي کان ويڪسينيشن بابت سوال ڪيا ۽ ويڪسين لڳرائڻ آيل ماڻهن سان ڳالهيون به ڪيون. اسلامڪ ڪلچرل سوسائٽي ۾ هن بيگهر ٻارن لاءِ کاڌي جا پيڪٽ به ٺاهيا. هنن مهمانن جي ڪتاب ۾ تاثرات به لکيا.