شهري ٻهراڙي جي ڪوٽا ۽ ملازمن جي جاچ جو آرڊر

0
751

عمراني سرڪار جي احتساب لاءِ وزيراعظم جي خاص معاون جناب شهزاد اڪبر 12 فيبروري 2020ع تي نيب اختيارين کي هڪ خط لکيو جنهن جو عنوان هو ”سنڌ حڪومت جي سنڌ ۾ ڪوٽا تي عملدرآمد ۾ ڀڃڪڙي“، جڏهن ته انهي خط جي اندر جيڪو مواد هو اهو مڪمل طور سنڌ جي شهري ۽ ٻهراڙي جي آبادي ۾ نفرت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ بد ديانتي تي مشتمل هو. انهي خط ۾ جناب شهزاد اڪبر صاحب اهو بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته 1971ع جي سنڌ سرڪار جي هڪ حڪم نامي تحت سنڌ ۾ 1 کان 22 گريڊ تائين شهري آبادي جو، جنهن ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر اچي وڃن ٿا، 40 سيڪڙو نوڪرين ۾ حصو مقرر آهي جڏهن ته ٻهراڙي جي آبادي جو 60 سيڪڙو مقرر ڪيل آهي، پر ڪراچي ۾ ٻهراڙي جي ڊوميسائيل وارا 30561 ۽ حيدرآباد ۾ 5550 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن جيڪي هن جي چواڻي غير قانوني آهن. لڳي ٿو انهي خط جي پيش نظر نيب سنڌ 7 اپريل 2021ع تي سنڌ حڪومت کان معلومات وٺڻ جي لاءِ هڪ خط لکيو جنهن جي مطابق انهن اهو معلوم ڪرڻ گهريو ته کين اهو ٻڌايو وڃي ته سنڌ جي ٻهراڙي جو ڊوميسائيل رکندڙ1 کان 22 گريڊ جا ڪيترا سرڪاري ملازم شهري علائقن ۾ نوڪري ڪري رهيا آهن؟ انهي نيب جي خط کي بنا ڪنهن سوچ ويچار جي سنڌ حڪومت جي سروسز ڊپارٽمينٽ جي هڪ آفيسر خط لکي سنڌ جي سڀني ادارن کان اهي انگ اکر معلوم ڪرڻ جي گذارش ڪري ڇڏي. جڏهن ڪجهه ساڃاهه وندن سنڌ جي گهڻ گهرين انهي تي هاءِ گهوڙا ڪئي ته سنڌ حڪومت اهو پنهنجو ليٽر واپس وٺندي اهڙي قسم جي ڪنهن به معلومات جو نيب کي فراهم ڪرڻ نامناسب ڄاتو.
حيرت جهڙي ڳالھه آهي ته سنڌ سرڪار خبر ناهي ڪهڙي شيءَ جو نالو آهي جنهن کي پنهنجي ڪنهن به حڪم نامي جاري ڪرڻ کان پهرين انهي جي متن ۽ مقصد جي خبر ڪونه ٿي پئي، سندن ڪامورن ۽ عملدارن کي اها تڪليف به نه ٿي جڳائي ته ڪنهن کان ڪا اجازت وٺن يا قانوني طور ڪنهن سان صلاح مشورو ڪن. جڏهن سنڌ جو عوام هاءِ گهوڙا ڪري ٿو ته پوءِ انهن کي اها خبر پوي ٿي ته نيب انهن جي اختيارين ۾ مداخلت ڪندي پنهنجون حدون اورانگهي رهي آهي. اهو ڪو پهريون ڀيرو ڪونهي، سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي اختيارين جي لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ وارو معامرو به ڪجهه اهڙي ريت سامهون آيو هو. سنڌ سرڪار اجازت به ڏئي ڇڏي وري جڏهن وٺ وٺان ٿي ته انهن اهو اجازت نامو واپس وٺندي صدارتي آرڊيننس کي سنڌ جي اختيارين ۾ مداخلت قرار ڏنو. سنڌ حڪومت لڳي ٿو ته هميشه يا ته اگهور ننڊ ۾ ستل رهي ٿي يا ته وفاق جي اهڙين سنڌ دشمن ڪمن ۾ ساٿاري هجي ٿي، جڏهن سنڌ جا ماڻهو هاءِ گهوڙا ڪن ٿا ته پوءِ وري سنڌ سرڪار به انهي هاءِ گهوڙا تي جاڳي هڪ قدم پٺتي هٽي وڃي ٿي ۽ وفاق سان معذرت ڪري ٿي. سنڌ سرڪار جي اهڙين بار بار ٿيندڙ ڪوتاهين تي نظر رکندي سنڌ جي عوام کي هوشيار رهڻ گهرجي ته هي پيپلز پارٽي جي سرڪار ارڙهين ترميم جي نشي آور ٽڪي سنڌ جي ماڻهن کي کارائي ڪٿي سموري سنڌ قانوني طور وفاق جي حوالي نه ڪري ڇڏي! پيپلز پارٽي جا وزير مشير ڪارندا سڀ دعوائون وڏيون ڪندا رهندا ته انهن ارڙهين ترميم وسيلي سنڌ کي ڪا وڏي خودمختياري ڏياري آهي، پر حقيقت انهي جي ابتڙ آهي. سنڌ جي هر وسيلي تي وفاق جي دسترس اڳي کان به وڌيڪ آهي ۽ سنڌ سرڪار پنهنجين ڪمزورين ۽ ڪرپشن جي سبب سنڌ جي آئيني ۽ قانوني مالڪي ڪرڻ کان قاصر رهندي پئي اچي.
سنڌ حڪومت جي 1971ع جي ڪوٽا واري قانون تحت اهو ضرور واضح ڪيل آهي ته سنڌ ٻهراڙي ۽ سنڌ شهري ڊوميسائيل جي ورڇ ڪهڙي تناسب سان ڪيل آهي، پر اهو ڪٿي به ڪنهن قانون ۾ ڪونهي ته ٻهراڙي جو ڊوميسائيل رکندڙ شهرن ۾ ۽ شهرن جو ڊوميسائيل رکندڙ ٻهراڙين ۾ نوڪري ڪونه ڪري سگهندو. جنهن نيت سان شهزاد اڪبر جيڪو خط نيب کي لکيو آهي ۽ ساڳئي نيت سان جيڪو نيب سنڌ حڪومت کي خط لکيو آهي انهي مان ايئن ٿو محسوس ٿئي جهڙو ڪراچي ۾ ۽ حيدرآباد ۾ سنڌ جي ٻهراڙي جي ڊوميسائيل وارن سرڪاري ملازمن کي نوڪري ئي ڪا غلط بنيادن تي ڏني وئي آهي. جيڪڏهن اهو ئي معيار آهي ته جنهن جو جتي جو ڊوميسائيل هوندو اهو اتي انهي حدن يا علائقن ۾ نوڪري ڪندو ته پوءِ وفاقي نوڪرين جي اندر به صوبائي ڪوٽا مقرر ڪيل آهي پوءِ سنڌ اندر وفاقي کاتن ۾ ٻين صوبن جي ڊوميسائيل وارا فرد نوڪريون ڇو ڪري رهيا آهن؟ جي اهو ئي معيار آهي ته پهرين سنڌ جي ريلوي، واپڊا، انڪم ٽئڪس، ڪسٽم، سول ايويئيشن، سميت ڪيترن ئي وفاقي ادارن ۾ سموري سنڌ اندر هزارن جي تعداد ۾ ٻاهرين صوبن جو ڊوميسائيل رکندڙ نوڪريون ڪن ٿا، نه رڳو اهو پر وفاقي ڪميشنڊ آفيسر پوليس توڙي روينيو ۾ به ڪم ڪن ٿا ڇا سنڌ حڪومت اهو وفاق کان پڇڻ جو حق رکي ٿي ته سنڌ جي اندر وفاقي کاتن ۾ ٻين صوبن جي ڊوميسائيل تي ڪيترا ماڻهو ملازمت ڪن ٿا انهن جا کين انگ اکر ڏنا وڃن؟
وفاقي ادارن ۽ ملڪ جي گهڻ گهرين کي اهو سوچڻ گهرجي ته اها آخر ڪهڙي ذهنيت آهي جيڪا صرف سنڌ جي اندر انهي ٻهراڙي ۽ شهري واري راڳ کي نفرت جي بنياد تي هوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي؟ ڪٿي هي ساڳي اها سوچ ته نه آهي جن بنگالين کي ديوار سان لڳايو ۽ نيٺ بنگال بنگلاديش بنجي ويو. هي شهري ۽ ٻهراڙي جي بنياد تي سنڌ جي اندر پنهنجي مالڪي جي حق کي جتائڻ وارا سنڌ جي ڌرتي ڄاون کي پنهنجو غلام سمجهندي سنڌ جي شهرن کي پنهنجا فتح ٿيل علائقا سمجهن ٿا، انهي جو ئي سبب آهي جو هنن جي اکين ۾ چڀندڙ سنڌ جي ڌرتي ڌڻين ۽ اصلي رهواسين کي شهرن مان بيدخل ڪرڻ جي هر وقت ڪا نه ڪا سازش ڪندا رهن ٿا. هنن جو وس پڄي ته سنڌ جي شهري علائقن ۾ سنڌ جي ٻهراڙي جي ماڻهن جو داخل ٿيڻ به ممنوع بڻائي ڇڏين پر اهو انهن جي لاءِ ناممڪن آهي. سنڌ جو ماڻهو ايترو باشعور ضرور آهي جو سندس وسيلن، ڌرتي ۽ پاڻي تي جڏهن ڪير به وار ڪندو ته هو انهي جي خلاف مڙي مٺ ٿي گڏجي مقابلو ڪندا. ڪوششون رڳو انهي ڪراچي جي تنگ نظر مهاجر سوچ واري حلقي طرفان ڪونه ٿينديون رهيون آهن، پر موجوده عمراني سرڪار جي خود وزيراعظم جا اهڙا جملا رڪارڊ تي موجود آهن جنهن ۾ خانصاحب اهو چوندي ڪو به عيب محسوس نه ٿو ڪري ته ”ڪراچي تي سنڌ جا ماڻهو حڪومت ڪري رهيا آهن.“ جي اهو فقرو انهي طرح ڪراچي جي ماڻهن کي سمجهايو ويندو ته ڇا پوءِ سموري ملڪ جا ماڻهو ۽ لاهور جا باشندا ايئن چوڻ لاءِ حق بجانب هوندا ته ميانوالي جو نيازي اسلام آباد تي ۽ سرائڪي بيلٽ جو بوزدار لاهور تي حڪومت ڪري رهيا آهن؟ سنڌ جي شهري ۽ ٻهراڙي واري فرق کي ختم ڪرڻ جي بجاءِ انهي کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ مان مقصد اهو آهي ته سنڌ جو عوام ڪڏهن به متحد نه ٿئي. سنڌ جي اصلي معاملن تي خاص ڪري سنڌ جي ناڻي پاڻي ۽ سامونڊي توڙي معدني وسيلن تي سنڌ جو سنڌي توڙي اردو ڳالهائيندڙ ماڻهو هڪ آواز ٿي وفاق جي ناانصافين خلاف متحد نه ٿي سگهي. تنهنڪري اهو تير رڳو سنڌ جي مهاجر سوچ طرفان سنڌ تي نه سمجهيو وڃي، پر انهي جي پٺيان ڪي ٻيا هٿ به آهن انهن کي به ڏسڻ جي ضرورت آهي.