ٺٽو: جمِشيد قريشي ، دلاور شيخ ، لالا غفار ، ڊاڪٽر ولي جاکرو شهر ۾ پاڻي جي شديد بحران خلاف  جمعي ڏينهن شهر ۾ (اڄ) ٺٽي شهر ۾شٽر بند هڙتال جي سلسلي ۾ شهرين سان رابطو ڪري کين ٺٽي جي بنيادي مسئلن پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ سان گڏ بجلي ۽ گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊيگ خلاف احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آهي هنن چيو ته جيستائين ٺٽي شهر کي ڪي ڊي اي واھ مان مستقل بنيادن تي پيئڻ جي پاڻي فراهمي جاري نه ڪئي ويندي تيستائين سندن احتجاجي سلسلو جاري رهندو