مڪه المڪرمه(شوبز نيوز) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور جوڙي شهروز سبزواري ۽ صدف ڪنول عمرو ڪري ورتو آهي. شهروز ۽ صدف اڪثر پنهنجي ايمان ۽ يقين بابت ڳالهائيندا رهندا آهن ته ڪهڙي طرح مذهب هنن کي ڏکيائين مان نڪرڻ ۾ سهارو فراهم ڪيو آهي. هاڻي ٻئي فنڪار مڪه المڪرمه ۾ موجود آهن ۽ هنن عمري جي سعادت حاصل ڪئي آهي. شهروز سبزواري احرام سان گڏ پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي پنهنجي روحاني سفر جون تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪيون آهن. وڊيو ۾ ڏٺو ويو آهي ته صدف ڪنول ڪاري برقعي ۾ حرم اندر عبادت لاءِ موجود آهي. ٻنهي فنڪارن کي مداحن طرفان عمر جي مبارڪ ڏني پئي وڃي ۽ هنن جي تصويرن کي پسند ڪيو پيو وڃي.