شھدادڪوٽ ( ڊ ر ) شهدادڪوٽ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد زوھيب آباد محلي مان 55 سال جي غلام عباس عرف باشو مستوئي جو ھٿ ٻڌل، ڳلو ڪپيل ۽ ڪپڙن کان آجو  لاش ھٿ آيو. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي پيرسن جي لاش کڻائي تعلقي اسپتال پھچايو، پوسٽ مارٽم بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو. اميد علي مستوئي ميڊيا کي ٻڌايو ته سئوٽ 9 ڏينهن کان گهران ڀٽ شاھ جو چئي ھليو ويو ھو. جنهن کي نامعلوم ماڻهن ڇرين جا وار ڪري بيددري سان ڪھي قتل ڪري ويا آهن، سندس لاش اسان جي مائٽ نوراحمد مستوئي جي گهر  مان مليو آهي. هن چيو ته جوابدارن سئوٽ کي بيدردي سان قتل ڪري لاش کي جڳهه ۾ بند ڪري تالو ھڻي ھليا ويا آهن، ڪنهن سان به دشمني ناهي. پوليس موجب پيرسن جو لاش 2 ڏينهن پراڻو لڳي رھيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آهيون، پيرسن کي 2 پٽن جو اولاد آهي، ٻئي طرف پيرسن جو لاش سندس گهر سبزي منڊي محلي ۾  پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.