شھدادڪوٽ ( ڊ ر ) شھدادڪوٽ ۾ قبوسعيد بس اسٽاپ ڀرسان گرمي جي سٽ نه سھندي 40 سال جو گل حسن  بروھي فوت ٿي ويو، مڙھ تعلقي اسپتال پھچايو ويو. ڊاڪٽر ميڊيا کي ٻڌايو ته گرمي جي سٽ نه سھندي گل حسن بروھي فوت ٿيو آهي.وارث رياض بروھي موجب موٽرسائيڪل تي ڳوٺ نبي شاھ وڃي رھيا ھئاسين ته قبو بس اسٽاپ تي گل حسن بروھي سخت گرمي جي ڪري بيھوش تي روڊ تي ڪري پيو. گل حسن بروھي جي گهر ۾ ڪھرام مچي ويو.