شھدادڪوٽ (ڊ ر) شھدادڪوٽ ۾ پراڻي دشمني تان هٿياربندن گوليون هڻي ريٽائرڊ پوليس جمعدار کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾  بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مستوئي پاڙي ۾   3 نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن فائرنگ ڪري گهر ويندڙ ريٽائرڊ پوليس جمعدار 45 سالن جي مختيار علي ڀٽي کي گوليون ھڻي بيدردي سان قتل ڪري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول جو  لاش  پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ھوڏانھن رابطي ڪرڻ تي بي سيڪشن پوليس ٻڌايو ته واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو آهي، وڌيڪ  جاچ ڪري رھيا آهيون،  جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا.