شهدادڪوٽ ( رپورٽر ) شهدادڪوٽ ۾ اصغريه آرگنائيزيشن پاران ٻوڏ متاثر  15 جوڙن جون شاديون ڪرائي في جوڙي کي 80 هزار جو ڏاج ڏنو ويو.شادي هال ۾ منعقد تقريب ۾ نڪاح ڪرايو ويو. جوڙن جي وارثن ۽ دوستن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي عبدالرزاق بلوچ، پروفيسر فضل حسين اصغري، حيدر علي شجاعي، نياز حسين ڀٽي جو چوڻ هو ته ٻوڏ متاثر جوڙن جون سادگي ۽ اسلامي طريقي سان شاديون ڪرايون ويون آهن، تقريب ۾سياسي سماجي اڳواڻن به شرڪت ڪئي،اجتمائي شادي تقريب ۾ گھوٽن ۽ ڪنوارن جي مھمانن کي به ماني کارائي وئي.