شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ ۾ شھري جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي ۽ ٻوڏ متاثرن پاران ٻوڏ دوران گهر گهر سروي جي پھرين قسط جي رقم جاري نه ڪرڻ واري عمل تي سنڌ حڪومت خلاف  ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻي جلد پھرين قسط جي رقم ڏيڻ جو مطالبو ڪيوآهي. ان موقعي تي اڳواڻن ڪامريڊ نصير احمد سيلرو، رفيق احمد کوسو، ڊاڪٽر وقار چانڊيو سميت ٻين ميڊيا سان ڳالهيندي چيو آهي ته ٻوڏ دوران پاڪ آرمي جي نگراني ۾ قمبرشھدادڪوٽ ضلعي جي ٻوڏ ۾ ڊھي پٽ پيل گهرن جي سروي ڪئي وئي ھئي سروي جي 9 مھينا گذرڻ بعد گهرن جي تعمير لاءِ پھرين قسط جي رقم 75 ھزار رپيا جاري ڪيا ويا آهن اها رقم 3 مھينا گذري وڃڻ باوجود ٻوڏ متاثر ماڻهن کي 75 ھزار رپين جي قسط نه ڏني وئي آهي. ھاڻي وري 75 ھزار رپيا ڦٻائڻ لاءِ اٽڪل ڪري سرسو ذريعي ٻيھر سروي ڪئي وڃي ٿي. ھنن چيو ته سرسو جي سروي کي مڪمل طور رد ڪيون ٿا. ھنن پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعليٰ سنڌ سميت ٻين اعلي ادارن کان گهر ڪئي ته پاڪ آرمي جي نگراني ۾ ڪيل سروي کي بحال ڪري 75 ھزار رپين جي قسط جاري ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.