شھدادڪوٽ ( رپورٽر )  اي سيڪشن ٿاڻي تي نينگر ساحل جوڻيجو جي والد فائق حسين جوڻيجو جي فرياد تي  بشير ھيسباڻي مگسي ۽ ٻن اڻڄاتل جوابدارن سميت ٽن جوابدارن مٿان 2 الڳ الڳ ڪيس جنهن ۾ گناهه نمبر 96 /2022 قلم 375A ۽ 37A ٻيو گناهه نمبر 97 /2022 13 ڊي جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن .ٻئي طرف اي سيڪشن پوليس جوابدار بشير ھيسباڻي مگسي کي عدالت ۾ پيش ڪيو عدالت جوابدار کي چئن 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏيئي  ڇڏيو آهي.