شهدادڪوٽ ۾ ناري مڪاني چونڊ لاءِ فارم وصول ڪري ورتو

0
223
شهدادڪوٽ ۾ ناري مڪاني

شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ جي وارڊ 7 تي آزاد اميدوار جي حيثيت سان نوجوان ناري ايڊووڪيٽ فضيلا داد بلوچ به نامزدگي فارم وصول ڪري مقابلي جون تياريون شروع ڪري ڏنيون آهن

خاراني برادري سان تعلق رکندڙ پرائمري استاد جي نياڻي ايڊووڪيٽ فضيلا داد بلوچ نامزدگي فارم وصول ڪرڻ کان پوءِ  پنهنجي وارڊ جي ڪيترن ئي گهرن ۾ وڃي عورتن سان ملاقاتون ڪري ووٽ ۽ عورت جي اھميت بابت جاڳرتا مھم شروع ڪري ڏني آهي

وڳڻ ۾ مڪاني چونڊ ويجھو ايندي ئي جوڙ توڙ شروع

 وڳڻ ۾ مڪاني چونڊ ويجھو ايندي ئي سياسي اڳواڻن پاران جوڙ ٽوڙ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، وڳڻ لڳ ڳوٺ چئوديرو ۾ جي يو آءِ اڳواڻن جي يوسي چئوديرو تي وائيس چيئرمين جي آزاد اميدوار ڪليم الله تنيو جي رھائشگاھ آمد سندس پاران جي يو آءِ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ويو

جڏھن ته جي يو آءِ وفد جي ٽڪيٽ نه ملڻ تي پارٽي کان ناراض اڳوڻي يوسي چيئرمين عمران علي تنيو سان پڻ ملاقات ڪئي، ذريعن موجب ته اڳوڻي يوسي چيئرمين پڻ کين مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي ڇڏي آھي. ٻي طرف صحافين سان ڳالهائيندي جي يو آءِ اڳواڻ گل انقلابي، قاري محمد عثمان مغيري ۽ ٻين چيو ته سنڌ جو عوام پ پ پ مان بيزار ٿي چڪو آھي،بلدياتي اليڪشن ۾ اسان سوڀارا ٿينداسين