شھدادڪوٽ ( ڊ ر ) شھدادڪوٽ ۾ سنڌ بروھي اتحاد جي سڏ تي نصر الله ساسولي بروھي، اعجاز ،حمزا، محمد خان شمبوزئي،  گل حسن جي اڳواڻي ۾ سجاول چونڪ وٽ ٽائرن کي باھيون ڏيئي 3 ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو ويو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته مولابخش لغاري ڌر جي ھٿياربندن نصر الله ساسولي بروھي مٿان حملو ڪري 64 جريب زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ايس ايڇ او سنجر ڀٽي زخمين جي علاج لاءِ ليٽر نه ڏنو. هنن چيو ته پوليس 3 زخمين کي گرفتار ڪري اسان جي 9 ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ بروھي اتحاد جي اڳواڻن گهر ڪئي  ته انصاف ڪيو وڃي.