شھدادڪوٽ ( ڊ ر ) شهدادڪوٽ ۾ ٻوڏ متاثر جھل مگسي جي رھواسي زوار حسين مگسي جي ڌيءُ 12 سال جي زينت مگسي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي، وارثن ۾ ڪھرام مچي ويو، ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته وقت تي رت نه ملڻ سبب ٿيليسيميا ۾ مبتلا ٻار فوت ٿين ٿا