شھدادڪوٽ (رپورٽ: اسحاق بوزدار ) شهدادڪوٽ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڊرٻ محلي ۾ 3 جوابدار ڀائيٽين پنهنجي چاچي ٽيڪسي ڊرائيور عبدالرزاق مگسي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.جڏهن ته 2 عورتون عائشه مگسي، مسمات رقعا مگسي ۽ مقتول جو وڏو ڀاءُ عبدالواحد مگسي زخمي ٿي پيا، جن کي وارثن فوري طور لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال کڻائي ويا. پوليس موجب واقعو چاچن ۽ ڀائٽين ۾ ملڪيت جي ھلندڙ تڪرار تان پيش آيو. زين مگسي، زوھيب ۽ شاھزيب مگسي گهر مٿان حملو ڪري پنهنجي ھڪ چاچي عبدالرزاق مگسي کي قتل ڪيو ، 3 ڄڻا زخمي ٿيا آهن.ٻئي طرف مليل ڄاڻ موجب ته جوابدار حملي بعد فائرنگ ڪندا آساني سان فرار ٿي ويا جڏهن ته پوليس وچ شھر ۾ گهر مٿان ٿيل حملي کي روڪڻ ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي . شهدادڪوٽ تعلقي اسپتال مان عبدالرزاق مگسي جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو.وارثن چيو ته مقتول عبدالرزاق مگسي جي ڀاڄائي عائشه مگسي سندس ڌيءُ رڪعيا مگسي ۽ وڏو ڀاءُ عبدالواحد مگسي زخمين ۾ شامل آهن.