شھدادڪوٽ ( رپورٽر ) شهدادڪوٽ ۾ سنڌ آبادگار بورڊ ڳواڻ جي نشاندهي تي ايگريڪلچر کاتي جي عملدارن  ڳڙهي خيرو روڊ لڳ ساسولي پوليس چونڪي ڀرسان ڇاپو هڻي شھدادڪوٽ ۽ شهدادپور کان بلوچستان جي شھرن خضدار ۽ اوستا محمد ڏانهن اسمگل ٿيندڙ ڀاڻ ساڻ ڀريل 5 ٽرڪن کي تحويل ۾ وٺي 3 ھزار سونا يوريا ڀاڻ جون ٻوريون ھٿ ڪري روينيو عملدارن ۽ پوليس  حوالي ڪيون. ايگريڪلچر آفيسر جو چوڻ هو ته اھڙو اطلاع ڊي سي قمبر کي ڏنو، وڌيڪ ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي وئي. ٽرڪ ڊرائيورن جو چوڻ هو ته قانوني طريقي سان شهدادپور جي گدام مان  يوريا ڀاڻ لوڊ ڪيو، جنهن جي بلٽي ۽ اين او سي اسان وٽ موجود آهن،ھوڏانھن رابطي ڪرڻ تي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايگريڪلچر ميڊيا کي ٻڌايو ته شھدادپور کان بلوچستان جي علائقي اوستا محمد ويندڙ ٻن ٽرڪن ۾ 12 سو ٻوريون سونا يوريا جون لوڊ ٿيل ھيون. ڪمپني کان ويريفائي ٿيڻ بعد ٻن ٽرڪن کي ڇڏيو آهي، 3 ٽرڪن وٽ اين اوسي نه ھجڻ ڪري انهن کي روڪيو آهي، انهن ۾ 18 سو ٻوريون سونا يوريا ڀاڻ جون آهن.  ٽنھي ٽرڪن جو فيصلو ڊپٽي ڪمشنر کي ڪرڻو آهي. ٻئي طرف سنڌ آبادگار اڳواڻ حبيب الله جروار رابطي ڪرڻ تي ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته شھدادڪوٽ کان بلوچستان رستي روزانو ڪيتريون ئي ٽرڪون سونا يوريا ڀاڻ جون اسمگل ٿي رھيون آهن.