شھدادڪوٽ/ ميروخان (نمائندن وٽان) شھدادڪوٽ جي اي سيڪشن پوليس جي مبينا تشدد ۾ فوت ٿي ويل زميندار نور محمد مستوئي جو ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف مستوئي برادري جي ماڻهن جو بھرام ڀرسان ڌرڻو هنيو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي. سعيد مستوئي، آصف مستوئي، مولانا مبين ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي اي سيڪشن ٿاڻي جي لاڪپ ۾ ايس ايچ او امان الله سومرو ۽ پوليس اھلڪارن نور محمد مستوئي تي تشدد ڪري قتل ڪيو، ايس ايس پي قمبرملوث پوليس اهلڪارن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جي يقين ڌياني ڪرائي پر عمل ناهي ٿيو، هنن چيو ته ايس ايس پي ايس ايچ او سميت ملوث پوليس اهلڪارن کي بچائڻ چاهي ٿو، هوڏانهن ميروخان ۾ مستوئي برادري جي ماڻهن اشرف، نياز حسين، صابر حسين جي اڳواڻي ۾ قمبر وين اسٽاپ وٽ ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو.