شھدادڪوٽ (رپورٽ: ايم اسحاق بوزدار) ڪچي پل ڀرسان مڙس ڪارنھن الزام هيٺ پنھنجي زال ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ ڳوٺ دلي جان جانوري ۾ جوابدار ڪارنھن الزام ھڻي پنھنجي گھر واري 35 سالن جي مسمات حوا کي ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي قتل ڪيو، ٻي طرف فائرنگ ۾ الزام هيٺ آيل 26 ورهين جو عاشق علي ولد طالب حسين جانوري به زخمي ٿي پيو، جنهن کي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي نوجوان دم ڏئي ڇڏيو، اسپتال مان نوجوان ۽ عورت جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، ٻي طرف مقتول نوجوان جي ڀاءُ محمد خان چانڊيو موجب ته ڀاءُ عاشق هارپو ڪندو هو، صبح جي وقت ڳوٺ ڀرسان شاخ ۾ وهنجڻ ويو، جتي ذوالفقار علي ۽ ٻين ساڻس معمولي ڳالهه تان جهيڙو ڪري  کيس گوليون هنيو،هوڏانهن  مقتولا حوا جي امڙ مسمات زليخان ٻڌايو ته ذوالفقار علي جانوري پھريان نوجوان عاشق علي کي بيگناھ گوليون هنيو، بعد ۾ گهر اچي منهنجي ڌيءُ مسمات حوا مٿان ڪوڙو ڪارنھن جو الزام ھڻي گوليون ھڻي کيس بيدردي سان قتل ڪري فرار ٿي ويو ، هن چيو ته منهنجي ڌي کي بيگناھ  قتل ڪيو ويو، جوابدار گرفتار ڪيو وڃي،ٻي طرف ربيع پل ٿاڻي جي پوليس موجب ته   جوابدار مڙس ذوالفقار جانوري ڪارنھن الزام ھڻي  زال ۽ نوجوان قتل ڪيو آهي، جلد کيس گرفتار ڪنداسين.