شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ ڀرسان زمين جي مالڪي تان هٿياربندن جو گهر تي مبينا طور حملو، فائرنگ ۾ 2 ڄڻا زخمي، ان ڏس ۾ بھرام ٿاڻي جي حد کير ٿر پئٽرول پمپ ڀرسان زمين جي مالڪي تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا منور علي سيلرو ۽ امجد علي سيلرو زخمي ٿي پيا، جن کي وارثن پاران اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي بعد ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن، اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي وئي، ٻي طرف  زخمي ٿيل امجد علي سيلرو جي والد منظور علي سيلرو موجب ته هٿياربندن اسان جي گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.