شهدادڪوٽ (رپورٽر) ميونسپل جي ڪروڙين روپيا بجيٽ هجڻ باوجود شهدادڪوٽ شهر۾ هر هنڌ گندگي، نالين ۽ گٽرن جو پاڻي بيٺل آهي.  شهر جي مختلف علائقن ڪوٽو موٽو چوڪ، هيرآباد، زوهيب آباد سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ گٽرن جو پاڻي تلائن جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي جنهن سبب ايندڙ ويندڙ مانهن کي سخت مشڪلاتن کي منهن نهن ڏيو پهجي رهيو آهي اسڪول ڏانهن ايندڙ ويندڙ شاگرن طوري مسجد ۾ وڃڻ ۾ ڏکيايون پيش اچي رهيون آهن ان سبب شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن شهرين، سياسي سماجي ڌرين پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو جي اڳواڻ منير بروهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ ميڊم ناهيد کهاوڙ، شهدادڪوٽ شهري اتحاد جي اڳواڻ وهاب بروهي، شهرين سڪندر لغاري، واحد ڪالاڻي، راجا الطاف ڀٽي، اسلم لانگاهه  ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته اسان ڪافي دفعا انتظاميا کي گذارش ڪئي آهي ته رستن تي پاڻي نيڪال ڪرائي ۽ صفائي ڪرائي وڃي پر انتظاميه جي ڪن تي جون به نه ٿي چري. هنن جو چوڻ هو ته ڪجهه ڏينهن اڳ گٽر ۾ ڪري ننڍو ٻار فوت ٿي ويو انهن جو وڌيڪ چوڻ هو ته شهدادڪوٽ پيپلزپارٽي جو ڳڙهه آهي شهري گذريل 40 سال کان پيپلزپارٽي کي ووٽ ڪري رهيا آهن پر شهر جي صورتحال صحيح ٿيڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي ان کان علاوه ڪيترائي دفعا احتجاج ڪيا آهن گندگي خلاف پر ڪو به کڙھ تيل ناهي نڪتو. انهن انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته صفائي سٿرائي جو نظام بهتر ڪيو وڃي جيئن هو پنهنجي زندگي صاف سٿري ماحول ۾ گذاري سگهن. ٻئي پاسي شهدادڪوٽ جي ايڊمنسٽريٽر احمد يار ڪارڙو موقف اختيار ڪيو آهي ته اسان صفائي روزاني جي بنياد تي ڪرائي رهيا آهيون ميونسپل ۾ عملو گهٽ هجڻ سبب ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن انهن جو چوڻ هو ته جتي جتي گندگي يا گٽرن جو گندو پاڻي بيٺل آهي شهري نشاندهي ڪندا آهن ته اسان فورن اتي پهچي ويندا آهيون.