شهدادپور ۾ ليڊي هيلٿ ورڪر مبينا هراسان، هڪ رات آفيسر سان گذارڻ جو چيو ويو: نازيه ملاح

0
185
شهدادپور ۾ ليڊي هيلٿ ورڪر

شھدادپور (رپورٽ: حميد کوسو) شھدادپور ۾ رضاڪاراڻي طور ڪم ڪندڙ ليڊي هيلٿ ورڪرز کي مبينا طور ڪڌي ڪم لاءِ مجبور ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي

ليڊي هيلٿ ورڪرز جو مظاهرو، متاثر عورت الزام هنيو آهي ته سپروائيزر سندس وٽ اچي هڪ رات آفيسر سان گڏ گذارڻ جو چيو، خبر موجب ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ليڊي هيلٿ ورڪر نازيه ملاح کي مبينا طور جنسي هراسان ڪرڻ خلاف پيراميڊيڪل عملي، ليڊي هيلٿ ورڪرز، ويڪسينيٽرز ۽ مزدور اتحاد جي اڳواڻن متاثر عورت سان گڏ سمس اسپتال کان محمد علي سرهيو، حيدر چانڊيو، خالد ڌاريجو، عالم ڏاهري ۽ ياسمين ملاح جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي

ان موقعي تي متاثر عورت نازيه ملاح الزام هنيو ته سپروائيزر گلناز ٽالپر رات جي وقت سندس گهر اچي چيو ته توهان کي اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر شمع گُلاڻي گهرايو آهي ۽ ضلعي جي نئين آيل آفيسر توهان جي ڊمانڊ ڪئي آهي، ان کي خوش ڪرڻ لاءِ ان سان هڪ رات گڏ گذارڻي آهي، جنهن تي مون انڪار ڪيو

متاثر عورت موجب سندس مڙس ان معاملي جي ڪري گهران نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي، سندس گهر اجڙي ويو آهي، هن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن کيس انصاف نه مليو ته هوءَ پاڻ کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيندي، ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته اي ڊي سي شمع گُلاڻي اڳ ۾ به ڪيترين ئي ليڊي هيلٿ ورڪرز کي هيسائي چڪي آهي، انڪار ڪرڻ تي انهن خلاف نوٽيس ڪڍي کين پريشان ڪيو ويندو آهي

هنن چيو ته ليڊي هيلٿ ورڪرز جون عزتون محفوظ ناهن، نوڪرين ۾ پڪو ڪرڻ ۽ ٻيا فائدا پهچائڻ جو آسرو ڏئي ڪُڌن ڪمن لاءِ نياڻين کي بليڪ ميل ڪري زندگيون تباهه ڪيون پيون وڃن، مظاهرين مطالبو ڪيو ته معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائي اي ڊي سي ۽ سپروائيزر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

نازيه هيلٿ ورڪر ناهي، بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي: شمع گلاڻي

ڪراچي: اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر شمع گُلاڻي چيو آهي ته نازيه ملاح نالي اسان وٽ ڪا به ليڊي هيلٿ ورڪر ناهي، سندس ٻن ڪزن پروين ۽ ياسمين ملاح خلاف انڪوائري ڪرائڻ تان بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ ڪريل الزام هنيا پيا وڃن، پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي هن چيو ته نازيه ملاح جنهن آفيسر بابت چئي رهي آهي

ان جو نالو کڻڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته هوءَ ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي، هن چيو ته ڪجهه عرصو اڳ سپروائيزر گلناز ٽالپر وزٽ تي وئي هئي، جتي چيڪ ڪرڻ دوران نازيه جي هڪ ڪزن پروين ملاح بلڪل اڻ پڙهيل نڪتي، جنهن کي نالو به لکڻ نه پيو اچي، جنهن خلاف انڪوائري رکرائي ته هوءَ مڇرجي پئي آهي

هن جو چوڻ هو ته احتجاجي مظاهري ۾ رڳو 2 ليڊي هيلٿ ورڪرز هيون جڏهن ته باقي ٻيون ملاح برادري جون عورتون هيون جن جو هيلٿ ڊپارٽمينٽ سان ڪو به واسطو ناهي، هن ٻڌايو ته 2018 ۾ اليڪشن دوران به هنن الزام هڻي احتجاج ڪيو هو ۽ هاڻي به ڪوڙا الزام هڻي ساک کي نقصان پهچائي رهيون آهن، هن چيو ته نازيه ملاح اسان وٽ ورڪر ئي ناهي، جنهن ڪري سندس خلاف تمام جلد قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي