شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ۾ 5 ٻارن جي ماءُ پراسرار نموني فوت، مُڙس تي قتل جو الزام، ان ڏس ۾ شھر جي هنڱورا روڊ واسڻ 45 ورهين جي مسمات بلقيس ڀٽي پراسرار نموني فوت ٿي وئي، وارثن پوليس کي اطلاع ڪيو،  پوليس مڙھ تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف فوتي عورت جي ڀيڻ ارباب خاتون الزام هڻندي چيو ته ڀيڻ  بلقيس کي مڙس ٻي زال سان گڏجي تشدد ڪرڻ بعد ڄنگهه تي تيزاب هاري قتل ڪيو آهي، جوابدار قتل بعد ڀيڻ کي اسان جي گهر ڦٽي ڪري فرار ٿي ويو، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي، ان حوالي سان پوليس موجب ته وارثن قتل جو شڪ ظاهر ڪيو آهي، حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد وڌيڪ خبر پوندي.