شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ۾ ريڙھي هلائيندڙ ٻن ٻارن جي پيءُ بيروزگاري سبب ڪارو پٿر پي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو، ان سلسلي ۾ الهيار ٽائون واسي 30 ورهين جي نوجوان سبحان علي مشوري گهر اندر ڪارو پٿر پي ڇڏيو، نوجوان کي بيهوشي واري حالت ۾ پهريان سِمس اسپتال نيو ويو جتان طبي امداد ڏيڻ بعد حيدرآباد نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو، نوجوان جي وارثن موجب نوجوان بيروزگاري سبب پريشان رهندو هو، جنهن سبب ڪارو پٿر پي آپگهات ڪيو آهي. هوڏانهن فوتي نوجوان جو مڙھ گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.