شھدادپور(ن پ ا) شھدادپور جي عدالت ڪتي ڏاڙھڻ وارن ڪيسن ۾ مختيارڪار سميت ٻن يوسي سيڪريٽرين کي بري ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان سيڪنڊ سول ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ مسٽر شفيق احمد کرل جي عدالت ڪتن ڏاڙھڻ وارن ٻن ڪيسن ۾ نامزد شھدادپور جي مختيارڪار قمرالدين راهپوٽو سميت يو سي مراد علي رند جي سيڪريٽري الطاف رند ۽ يونين ڪائونسل لنڊو جي سيڪريٽري سڪندر زرداري کي بري ڪري ڇڏيو. ڪيسن جي پيروي ايڊووڪيٽ عبدالمجيد هنڱورو ۽ ايڊوڪيٽ شبير عمراڻي ڪئي. چار مهينا اڳ يوسي لنڊو ۾ ڳوٺاڻي عجيب رند ۽ يوسي مراد علي رند ۾ پهلوان رند کي ڪتن ڏاڙھي زخمي ڪيو هو، مقصودو رند ۽ لنڊو پوليس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ يوسي سيڪريٽرين ۽ ايڊمنسٽريٽر مختيارڪار خلاف ڪتي ڏاڙھڻ جا ڪيس داخل ڪيا هئا ڄاڻايل جوابدار ضمانت تي آزاد هئا.