شھدادپور(ن پ ا) شھدادپور لڳ سرهاري ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي مسافر بروهي ۾ 3 هفتا اڳ ڪارنهن الزام هيٺ گوليون هڻي قتل ڪيل 18 ورهين جي ناري عُظمه بروهي واري ڪيس ۾ سرهاري پوليس جوابدار ڄاڻايل مقتولا جي چاچي امير بروهي جو نالو ڪالم ٽو ۾ رکي ڪيس مان خارج ڪري ڪچو چالان عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن ۾ پوليس ڄاڻايو ته جوابدار امير بروهي واقعي واري ڏينهن جاءَ واردات تي موجود نه هو ۽ هو پنهنجي درزڪي دڪان تي ويٺل هو، جڏهن ته سرڪار نالو خارج ڪرڻ جي مخالفت ڪئي، جوابدار جو نالو ڪيس ۾ رهڻ يا خارج ڪرڻ بابت عدالت فيصلو نه ٻڌايو، ٻئي طرف پوليس پڪي چالان لاءِ عدالت کان مهلت جي استدعا ڪئي، جنهن تي عدالت ڪيس جي ڪارروائي 6 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪندي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. واضح هجي ته جوابدارن پاران ڪارنهن الزام هيٺ گوليون هڻي ناري کي قتل ڪرڻ واري واقعي جو وارثن طرفان فريادي ٿيڻ کان انڪار بعد سرهاري پوليس جي فرياد تي ايف آءِ آر درج ٿي هئي.