شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ڀرسان هالا ٿاڻي جي حد ڳوٺ شاھ محمد ڏاھري وٽ 5 اڻڄاتل هٿياربند ڦرلٽ ڪرڻ بعد شھدادپور واسي 3 ڄڻن کي مبينا طور اغوا ڪري ويا، هٿياربندن سڏ پنڌ تي 2 ڄڻن راجا لاشاري ۽ ابراهيم منهاس جا هٿ پير رسن سان ٻڌي ڪيلي جي باغ ۾ ڦٽو ڪري هڪ ڄڻي احسن لاشاري کي ڪار سميت اغوا ڪري کڻي ويا. رستي تان گذرندڙ واٽھڙو پاران ٻنهي ڄڻن کي ڏسي رسن مان آجو ڪرائڻ بعد متاثر ھالا ٿاڻي تي پهچي واقعي جي رپورٽ درج ڪرائي. ان حوالي سان متاثر خاندان ٻڌايو ته راجا لاشاري پنهنجي پٽ احسن ۽ پاڙيسري سان گڏ ڪار خريد ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ويو، واپسي تي ٽنهي کي اغوا بعد ٻن ڄڻن کي ڇڏيو ويو، جڏهن ته هٿياربند هڪ ڄڻي احسن کي اغوا ڪري ويا. ٻئي طرف هالا پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.