شھدادپور (اسپورٽس نيوز) جوائنٽ ٽي-20 ٽورنامنٽ ۾ سمان اليون سيکاٽ جي ٽيم آزادي اليون شھدادپور 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.  صفدر ڪريم  جي بهترين پرفارمنس، مين آف دي ميچ قرار. ان سلسلي ۾  آزادي اليون ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي پوري ٽيم 70 رنز تي ڍير ٿي وئي. ڪوبه رانديگر ڊبل فگر ۾ به نه پهتو. صفدر ڪريم 3 رانديگرن کي پويلين موڪليو، جواب ۾ سمان اليون 71 رنسن جو هدف هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 6 اوورن ۾ پورو ڪري ميچ کٽي ورتي. صفدر ڪريم 46 ۽ اطهر 18 رنسن سان نمايان رهيا. صفدر ڪريم کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ٽورنامنٽ جي ٽئين ميچ ۾ اڄ حُر مجاهد شھدادپور ۽ شاهين کپرو جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون.