شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور مان ناري مبينا طور اغوا، ڪيس داخل، ان ڏس ۾  شھر جي هائوسنگ سوسائٽي پاڙي مان نوجوان ناري بُشرا راجپوت مبينا طور اغوا ٿي وئي، پوليس ناري جي  ڀاءُ طارق راجپوت جي فرياد تي اغوا جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، ٻي طرف  وارثن ۽ راجپوت برادري پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيو ته نوجوان ناري بشرا ڌيءُ لياقت راجپوت کي بااثر  زبردستي اغوا ڪري فرار ٿي ويو آهي، واقعي جو ڪيس داخل هجڻ باوجود ناري بازياب نه ٿي سگهي آهي، هنن چيو ته جوابدار کي هڪ سياسي جماعت جي حمايت حاصل آهي. سندس خلاف ڪارروائي ڪري ناري بازياب ڪرائي وڃي.