شھدادپور (رپورٽ: عبدالحميد کوسو) شھدادپور ۾ صفائي نه ٿيڻ واري معاملي تي سول جج پاران شھر جو دورو، صفائي جي اڻھوند تي ميونسپل عملي کي ڇنڊ، سينيٽري انسپيڪٽر کي 5 منٽ گند ڪچري ۾ بيهاري ڇڏيو، ٻن هفتن جي مهلت، خبر موجب شھر جي مختلف علائقن ۾ گندگي ۽ گٽرن جو گندو پاڻي بيٺل هجڻ بابت شھرين جي ڏنل درخواست تي سيڪنڊ سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ ريحان عبدالهادي ميمڻ جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران ميونسپل ڪاميٽي جو سي ايم او فياض زرداري ۽ پبلڪ هيلٿ جو ايس ڊي او ناصر شيخ پيش ٿي 60 سيڪڙو صفائي مڪمل ڪرڻ جي رپورٽ پيش ڪئي، ان موقعي تي درخواستگذار جي وڪيل طاهر ياسين راجپوت دليل ڏنا ته ٽَڪي جو به ڪم ناهي ٿيو، گندگي جيئن جو تيئن برقرار آهي، جنهن تي جج پاڻمرادو شھر جي سوسائٽي پاڙي، مدني سوسائٽي، عيدگاھ روڊ، مدرسه روڊ، نورآباد ڪالوني، سبزي منڊي سميت مختلف علائقن جو دورو ڪيو، جج سي ايم او، ايس ڊي او پبلڪ هيلٿ ۽ چيف سينيٽري انسپيڪٽر وحيد ملڪ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کين ڇنڊ پٽي، جج سينيٽري انسپيڪٽر وحيد ملڪ کي چيو ته توهان کي ڇو نه جيل موڪلڻ گهرجي، عدالتي حڪم باوجود ڇو صفائي ناهي ڪرائي اوهان کي ڪورٽ جو ڪو به احترام ناهي، هفتو اڳ صفائي جو حڪم ڪيو آهي، سول جج چيف سينيٽري انسپيڪٽر کي 5 منٽ گند ڪچري ۾ بيهڻ جو حڪم ڏنو، ٻئي طرف دوري دوران نورآباد ڪالوني ۽ سبزي منڊي پاڙي ۾ گوڏي جيڏو گندو پاڻي بيٺل هجڻ تي شھرين جج آڏو شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا، جج ٻن هفتن جي مهلت ڏيندي صفائي ڪرائي رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڪيو.