شھدادپور (رپورٽ: حميد کوسو) شھدادپور ۾ ليڊي هيلٿ ورڪر هراسمينٽ واقعي بابت جاچ ٽيم سانگهڙ پهچي ڌرين جا بيان قلمبند ڪيا، خبر موجب شھدادپور ۾ رضاڪاراڻي  طور ڪم ڪندڙ ليڊي هيلٿ ورڪر نازيه ملاح کي مبينا هراسان ڪرڻ ۽ هڪ رات آفيسر سان گذارڻ واري معاملي بابت ڊي جي هيلٿ پاران نوٽيس وٺڻ بعد ڊپٽي ڊائريڪٽر ون ڊاڪٽر عامر خانزاده، ڊپٽي ڊائريڪٽر ٽو ڊاڪٽر حنا فاطمه، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ٿري ڊاڪٽر نازش رسول سميت 5 رڪني جاچ ٽيم ڪالهه ڊي ايچ او آفيس سانگهڙ پهتي، ذريعن موجب جاچ ٽيم آڏو متاثر ليڊي ورڪر نازيه ملاح، ياسمين ملاح ۽ ٻيون ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ الزام هيٺ آيل اي ڊي سي شمع گلاڻي ۽ سپروائيزر گلناز ٽالپر پيش ٿيون، جاچ ٽيم پاران ڌرين جا بيان قلمبند ڪيا ويا، ان سلسلي ۾ ڊي ايچ او سانگهڙ مير محمد ڏاهري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جاچ ڪاميٽي آڏو ڌرين پيش ٿي پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرايا آهن ۽ بيانن جي آڌار تي جاچ ٽيم پنهنجي رپورٽ ڊي جي هيلٿ کي پيش ڪندي، ياد رهي ته نازيه ملاح اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر شمع گلاڻي ۽ سپروائيزر گلناز ٽالپر تي آفيسر سان رات گذارڻ لاءِ ۽ هراسان ڪرڻ جو الزام هنيو هو،