لاهور(م ڊ) ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي روز فقير سڏيو پيو وڃي. پنهنجي بيان ۾ چوڌري شجاعت چيو ته پنڻ جو الزام هڻندڙ ائين ڪري پاڻ کي وڏو سمجهي رهيا آهن، وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان لاءِ پِني رهيا آهن، جنهن تي کين فخر هجڻ گهرجي. هن چيو ته اهي ٻوڏ متاثرن جي بحالي، عوام جي معاشي صورتحال بهتر ڪرڻ خاطر پِني رهيا آهن، جيڪڏهن چئوواٽي تي بيهي به انهن کي پئسا گهرڻا پون ته مٿن فخر هجڻ گهرجي، ان نيڪ ڪم ۾ اسان به انهن سان گڏ هونداسين. سندس چوڻ هو ته هيڏانهن هوڏانهن جا مثال ڏيڻ وارن کي گهرجي ته هر قدم عوام جي ڀلائي لاءِ کڻن.