شهباز گِل طرفان فوج بابت بيان ڏيڻ جو اعتراف

0
401
شهباز گل جي رمانڊ بابت

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گِل فوج بابت بيان ڏيڻ ۽ موبائيل فون ۾ ڊيٽا موجود هجڻ جو اعتراف ڪيو آهي

اسلام آباد جي عدالت طرفان شهباز گِل جي ڪيس تي ٻڌڻي بابت لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪيو آهي

حڪمنامي موجب جاچ آفيسر چيو آهي ته شهباز گِل ڏوهه جو اعتراف ڪندي ٻڌايو ته ڊيٽا سندس موبائيل فون ۾ موجود آهي، پيمرا کان شهباز گِل جي انٽرويو جو رڪارڊ وٺي ايف آءِ اي ڏانهن اُماڻيو ويو آهي

جاچ آفيسر موجب وائيس ميچنگ جي رپورٽ پازيٽو آئي آهي، جوابدار لڳاتار ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، سندس پولي گرافڪ ٽيسٽ ڪرائڻي پوندي، شهباز گِل سان ڳالهه ٻولهه موبائيل فون تي نه ٿي هئي

انٽرويو لاءِ بني گالا آفيس ۾ لڳل لينڊ لائين استعمال ڪئي وئي

ھي به پڙھندا

شهباز گِل جي جسماني رمانڊ بابت پوليس جي استدعا رد