شهباز گِل جي جسماني رمانڊ بابت پوليس جي استدعا رد

0
218
بغاوت ڪيس: شهباز گل

اسلام آباد: ادارن خلاف ڀڙڪائڻ جي ڪيس ۾ گرفتار پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شھباز گل جي جسماني ريمانڊ ۾ واڌ جي استدعا رد ڪئي وئي آھي

پي ٽي آءِ اڳواڻ شھباز گل کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، شهباز گِل طرفان عدالت ۾ قميص مٿي ڪري مبينا تشدد جا نشان ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي

ان موقعي تي شھباز گل جو چوڻ ھو تھ پنهنجي فوج جي باري ۾ اهڙا بيان ڏيڻ جو سوچي به نٿو سگهان، ڪوبه غيرتمند پاڪستاني ڪڏهن به فوج خلاف نه ڳالهائيندو

بغاوت لاءِ ڀڙڪائڻ جي ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻ طرفان پوليس تي تشدد جو ٻيهر الزام ھنيو ويو، شهباز گِل چيو ته کيس سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي

ھن چيو تھ وڪيلن سان ملڻ نٿو ڏنو وڃي، سڄي رات ننڊ به نٿي ڪرڻ ڏني وڃي، اي جي اسلام آباد عدالت کي آگاهي ڏني ته پتو لڳائڻو آهي ته شهباز گِل سچ ڳالهايو يا ڪوڙ، اُن لاءِ پولي گرافڪ ٽيسٽ ڪرائڻي پوندي

شهباز گِل موبائيل ۽ ليپ ٽاپ تائين پهچ نٿو ڏئي، سندس ڊرائيور کي بني گالا ۾ لڪايو ويو آهي، شهباز گِل جي جسماني رمانڊ بابت پوليس جي استدعا رد، عدالتي رمانڊ تي جيل حوالي ڪيو ويو

ھي به پڙھندا

ميڊيڪل رپورٽ ۾ شهباز گل تي تشدد ثابت نه ٿيو، ڊرائيور جي زال ۽ سنڍو جو رمانڊ منظور