اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ نواز ليگ جي سينيئر اڳواڻ شاهد خاقان عباسي شهباز گل جي الزام جو جواب  ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد مان جاري بيان ۾ شاهد خاقان عباسي چيو ته پي ٽي آءِ ۽ ان جي گند اڇلائيندڙ برگيڊ 4 سال حڪومت ۾ رهي، شهباز گل جي الزامن ۾ صداقت آهي ته مون خلاف عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت منهنجي خلاف 2 ڪوڙا ڪيس ٺاهيا آهن، انهن کي عدالتن ۾ پاڻ وٽ موجود ثبوتن سان گڏ درخواستون داخل ڪرائڻ گھرجن.