ميڊيڪل رپورٽ ۾ شهباز گل تي تشدد ثابت نه ٿيو، ڊرائيور جي زال ۽ سنڍو جو رمانڊ منظور

0
243
شهباز گل جي ڊرائيور جي

اسلام آباد: وفاقي پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل جو ميڊيڪل ڪرائي ورتو، جنهن جي رپورٽ ميڊيڪل بورڊ پوليس اختيارن حوالي ڪئي آهي

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل رپورٽ ۾ شهباز گل تي تشدد ثابت ناهي ٿيو، هو مڪمل طور صحتمند آهي

ميڊيڪل رپورٽ موجب شهباز گل ڪنهن بيماري جو به شڪار نه آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته شهباز گل جي وڪيل پوليس حراست ۾ تشدد جو الزام لڳايو هو، جنهن بعد جوابدار جو ميڊيڪل ڪرايو آهي، رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي

ياد رهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل کي بني گالا چوڪ تان گرفتار ڪيو ويو هو، شهباز گل تي اسلام آباد جي ڪوهسار ٿاڻي تي بغاوت سميت 10 ڪيس داخل آهن

شهباز گل جي ڊرائيور جي گهرواري ۽ سنڍوءَ گرفتار

اسلام آباد پوليس شهباز گل جي ڊرائيور جي گهرواري ۽ سنڍوءَ کي گرفتار ڪري ورتو

پوليس ڊرائيور جي گرفتاريءَ لاءِ گهر تي ڇاپو هنيو، جوابدار نه ملڻ تي سندس گهرواري ۽ سنڍوءَ کي حراست ۾ ورتو ويو

عدالت ڊرائيور جي گهر واري کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، جڏهن ته ڊرائيور جي سنڍو کي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي

تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ اسد عمر الزام هنيو آهي ته پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل جي ڊرائيور جي گهر تي ڇاپو هڻي سندس زال کي ٿاڻي وٺي وئي آهي

سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ اسد عمر چيو ته هيءَ ته بلڪل ئي بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا آهن

اسد عمر سوال ڪيو ته انساني حقن، جمهوريت جا چيمپئن ڪٿي گم آهن، هو ان مامري تي آواز ڇو نٿا اٿارين

ھي به پڙھندا

پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل اسلام آباد مان گرفتار، بغاوت جو ڪيس داخل